اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنجاب – ڪي پي ڪي سرحد تي خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پنجاب پوليس، سي ٽي ڊي ۽ رينجرز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته خواجين جي ناپاڪ عزمن کي ناڪام بنائڻ تي پنجاب پوليس، سي ٽي ڊي ۽ رينجرز کي شاباش ڏيان ٿو. هن پنجاب پوليس، سي ٽي ڊي ۽ رينجرز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته ٻن خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فخر آهي ۽ پنجاب پوليس، سي ٽي ڊي ۽ رينجرز جي ٽيم کي مبارڪ ڏيان ٿو.