اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت قومي ترقي جي هڪ تاريخي سنگ ميل طرف اڳڀرائي ڪندي اڏام پاڪستان جي نالي سان هڪ جامع ۽ ڏور رس منصوبو متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد ملڪ کي روانگي واپار تي ٻڌل مضبوط معيشت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، ان منصوبي تحت 2030ع تائين ترقي جو جامع روڊ ميپ تيار ڪري ورتو آهي، صنعتي شعبي جي بحالي ۽ توسيع لاءِ جامع سڌارا متعارف ڪرايا ويا آهن، اڏام پاڪستان تحت ملڪ سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش منزل بڻجندو پيو وڃي، نجي سيڙپڪاري سان روانگي واپار ۾ حيران ڪندڙ اضافو ممڪن آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن پاڪستان بحرين سيڙپڪاري سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت اڏام پاڪستان تحت 2030ع تائين ترقي جو جامع روڊ ميپ تيار ڪري ورتو آهي، ان منصوبي تحت روانگي واپار ۾ نمايان اضافي لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم جاري آهي، 2030ع تائين روانگي واپار کي 100 ارب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف آهي، اڏام پاڪستان جو ويزن روانگي واپار تي ٻڌل معيشت جو قيام آهي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ايڪسپورٽ زونز، صنعتي ڪوريڊور ۽ لاجسٽڪ سهولتن جي تعمير حڪومتي ترجيح آهي، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي مڪمل تحفظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي، صنعتي شعبي جي بحالي ۽ توسيع لاءِ جامع سڌارا متعارف ڪرايا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته اڏام پاڪستان صنعتي شعبي ۾ ويليو ايڊڊ مصنوعات جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، ايف بي آر، ايس اي سي پي ۽ ٻين ادارن ۾ سڌارن سان ڪاروباري ماحول بهتر بڻايو ويو، سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ۾ آساني لاءِ 100 کان وڌيڪ قدم مڪمل ٿي چڪا آهن. ان منصوبي تحت پاڪستان سيڙپڪارن لاءِ پُرڪشش منزل بڻجندو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستاني مصنوعات کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايڪسپورٽ ڊرائيو شروع ڪئي وئي آهي، اداره جاتي سڌارا، مستحڪم پاليسي ۽ ڪاروباري حصيداري ترقي جو بنياد آهي، روانگي واپار، صنعت ۽ سيڙپڪاري جو ميلاپ ئي پاڪستان کي معاشي خود ڪفالت جي راهه تي آڻيندو. 21 هين صدي معيشت ۽ ٽيڪنالاجي جي صلاحيتن جي صدي آهي. هن چيو ته اڍائي ارب آبادي جو هڪ ننڍي اقليت آڏو بي وَس ٿيڻ فڪر جو لمحو آهي، قومن جي طاقت جو راز مضبوط معيشت ۽ معياري تعليمي نظام ۾ لڪل آهي، معاشي طور پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ سنجيده ۽ ڊگهي مدي وارن قدمن جي ضرورت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ئي ترقي جي ڪُنجي آهي. هن چيو ته تحقيق ۽ علم ۾ اضافو ئي ترقي جو رستو آهي، نجي شعبو معيشت جو پائليٽ ۽ حڪومت ان جي مددگار آهي، نجي سيڙپڪاري سان روانگي واپار ۾ حيران ڪندڙ اضافو ممڪن آهي، پاڪستان کي روانگي واپار ۾ 5 کان 10 ارب ڊالرن جي سالياني اڏام گهربل آهي، ترقي جو دارومدار ايڪسپورٽ ليڊ گروٿ تي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا، چين ۽ ٿائيلينڊ روانگي واپار وڌائي ترقي ڪئي، پاڪستان جو روانگي واپار صرف 32 ارب ڊالرن تائين محدود آهي، جنهن ۾ فوري بهتري اڻٽر آهي، ترقي ۾ رڪاوٽ وسيلن يا ذهانت جي گهٽتائي ناهي، سياسي عدم استحڪام ۽ پاليسي تسلسل جي کوٽ آهي، ويزن 2010ع ۽ ويزن 2025ع سياسي استحڪام جي ور چڙهي ويا، اسان وڙهندا رهياسين جڏهن ته ٻيا ملڪ اسان جي ويزن مان فائدو کڻي اڳتي نڪري ويا. هن چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 22 سيڪڙو پاليسي ريٽ کي گهٽ ڪري 12 سيڪڙو تي آندو ويو، پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ترقي جي اڏام ڀرڻ لاءِ تيار آهي، هن سوال ڪيو ته اسان ان اڏام کي محفوظ رکي سگهنداسين يا وري پوئتي هليا وينداسين، ڏڦيڙ جي سياست کي پوئتي ڇڏي پائيدار ترقي جي راهه اختيار ڪرڻي پوندي، ڊالر ڪمائڻ واري معيشت طرف منتقلي اڻٽر آهي، روانگي واپار ۾ اضافي کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي سخت ضرورت آهي.