اسلام آباد -22 اپريل (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪستان کي ٽيڪنو-اڪنامي ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ منعقد آسيان پاڪستان ٽيڪنالاجي ايڪسپو 2025ع کي خطاب ڪندي هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ئي اصل طاقت آهي، جيڪا قومن جي تقدير بدلائي سگهي ٿي. هن نسٽ جي نيشنل سينٽر فار روبوٽڪس اينڊ آٽوميشن ۽ سائنس ٽيڪنالاجي و انوويشن بابت آسيان جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته هي ايڪسپو علائقائي تعاون ۽ فني ترقي جو عملي مظهر آهي. هن چيو ته رٿابندي واري وزارت تازو ئي ”سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انجنيئرنگ بابت ترقي“ پروگرام جي شروعات ڪئي آهي، جنهن جو مقصد تحقيق ۽ جدت کي پاڪستان جي ترقياتي هدفن سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. اسان کي پرڏيهي ٽيڪنالاجي صارف نه پر مقامي مسئلن جي حل لاءِ ٽيڪنالاجي جو خالق بڻجڻو آهي. موسمياتي تبديلي، پاڻي ۽ زراعت کي لاڳو خطرن ۽ نوجوانن ۾ وڌندڙ بيروزگاري جهڙن چئلينجز جو حل صرف جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي. هن ڊجيٽلائيزيشن، گرين انرجي ۽ جديد معاشي حڪمت عملين کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آسيان ملڪ گڏيل چئلينجز جو گڏجي مقابلو ڪري سگهن ٿا. نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي سرمايو آهن ۽ سندن صلاحيتن کي ڪتب آڻي اسان هڪ روشن ۽ پائيدار مستقبل جو بنياد رکي سگهون ٿا. هن نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو اهڙي ٽيڪنالاجي تخليق ڪن جيڪا نه رڳو مارڪيٽ پر انسانيت جي ڀلائي لاءِ هجي.