اسلام آباد -22 اپريل (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان جاسر المطيري ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دفاعي سهڪار ۽ علائقائي استحڪام تي زور ڀريندي ٻه طرفه لاڳاپا وڌائڻ سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت گڏيل طور تي فائديمند شراڪتداري قائم ڪئي آهي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا امڪان موجود آهن. ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ پراڻي شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلسل سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات جي پڄاڻي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ گڏيل سهڪار جي شعبن تي وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ سان ٿي.