راولپنڊي -22 اپريل (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ نئين بلاڪ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آر آءِ سي تيرهن سالن اڳ ٺهيو هو. هن وقت تائين بيشمار ماڻهو علاج جي سهولتن مان فائدو کڻي چڪا آهن. هاڻي هتي 40 ڪروڙ جي لاڳت سان نئون او پي ڊي بلاڪ ٺهي رهيو آهي، ان پروجيڪٽ کي وزيراعظم شهباز شريف جي تائيد حاصل آهي. هتي اسان هڪ ويٽنگ ايريا به ٺاهي رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم ڏينهن رات ملڪ جي خدمت ڪري قوم جو اعتماد بحال ڪيو آهي. جيڪي چوندا هئا ته پاڪستان پئسو نه موڪليو انهن جي ڳالهه ڪاٿي به نه ٺهي، اسان لاءِ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ مقدم آهي، وفاقي وزير چيو ته حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو فائدو بلوچستان کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ڪنهن به فيڊريشن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه ڏينداسين، افغانستان سان ڳالهيون خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي چوڻ تي شروع نه ٿيون، هي وفاقي حڪومت جو فيصلو آهي. وفاقي وزير چيو ته قبضي گيرن کان ريلوي جي ايراضي ڇڏائڻ لاءِ ملڪ گير آپريشن جاري آهي. اي پي پي/ م – ش/ ج – پ 17:21