اسلام آباد -22 اپريل (اي پي پي) حج پانڌيئڙن لاءِ سڄي ملڪ ۾ قائم 11 حاجي ڪيمپن ۾ حج ويڪسين جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير سردر محمد يوسف جي خاص ڪوششن سان ڊي ايڇ ڪيو مظفر آباد، ايبٽ آباد ۽ ڊي آءِ خان مان ويڪسين جي فراهمي جا انتظام ڪيا ويا آهن. 11 حاجي ڪيمپن ۾ دوائن جي پيڪنگ ۽ تحفن جي ورهاست به شروع ٿي وئي. حج پانڌيئڙن کي گردن ٽوڙ بخار، فلو ۽ پوليو کان بچاءَ جي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. حج پانڌيئڙن کي ڏنل شيڊول موجب حاجي ڪيمپ اچڻو پوندو. ويڪسين لڳرائي حڪومت پاران جاري ڪيل ييلو ڪارڊ ضرور حاصل ڪيو. 65 سال کان وڌيڪ عمر جي حاجين سڳورن لاءِ ڪورونا ويڪسين جو خاص بندوبست ڪيو ويو آهي.