اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنرمند بڻائڻ جي لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جو دائرو وڌايو پيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل لوڪ ٽرائينگل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي سيڪريٽري جنرل آءِ ٽي يو سي شوئيايو شيڊا کانسواءِ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، چوڌري سالڪ حسين، مملڪتي وزير عون چوڌري، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم انٽرنيشنل ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن جي عالمي سطح تي افرادي قوت جي حقن جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان گڏجي مزدورن ۽ ڪارڪنن جي حقن جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس ۽ ورڪرز ويلفيئر فنڊ جو دائرو وڌائي رهي آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ملازم، ڪارڪن ۽ افرادي قوت فائدو کڻي سگهي. وفاقي سطح تي نيشنل ووڪيشنل ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن ۽ صوبائي سطح تي ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي تربيتي پروگرام منعقد ڪرايا پيا وڃن ته جيئن مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنرمند افرادي قوت دستياب ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. 2022ع جي ٻوڏ سان پاڪستان کي 30 ارب ڊالر جو نقصان کڻڻو پيو. انهن موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ مزدورن ۽ ڪارڪنن کي روزگار جي حوالي سان تمام گهڻا مسئلا درپيش ٿيا ۽ نقصان کڻڻو پيو. موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان ۽ ان جهڙن ٻين ملڪن کي عالمي مالياتي ادارن جي خصوصي مالي معاونت گهربل هوندي. حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته ماحولياتي تبديلي جي خطري ۾ ورتل ڪميونٽيز ۾ ماحولياتي تبديلي سان موافقت ۽ ان جي مضر اثرن جي خاتمي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقي جي روزگار جو تحفظ ٿي سگهي. انٽرنيشنل ٽريڊ يونين ڪنفيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل لوڪ ٽرائينگل پاڪستان ۾ جمهوري قدرن کي ساراهيندي ملڪ ۾ مزدورن ۽ ڪارڪنن جي بهتري جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.