اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانڊا سان واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڪاروباري رابطن سان ٻطرفو واپار وڌائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جمهوريه روانڊا جي پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير اوليويئي جين پيٽرڪ ڊوهنجيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم روانڊا جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي ۽ صدر پال ڪاگامي ۽ وزيراعظم ايڊورڊ گيرنٽي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن صدر پال ڪاگامي کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم روانڊا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي مٽاسٽا ۾ گڏيل طور تي ڪارائتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم روانڊا کي اسلام آباد ۾ پنهنجو مشن کولڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اهو بزنس ٽو بزنس رابطن سان ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. روانڊا جي پرڏيهي وزير وزيراعظم جي نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته روانڊا پاڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ واپاري وفد ساڻس گڏ پاڪستان آيل هو ۽ لاهور ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ منعقد تقريب ۾ شريڪ ٿيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قومن ۾ گهڻ رخي تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ عالمي فورمز تي گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن.