اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ روانڊا واپار، دفاع، ٽيڪنالاجي ۽ سفارتڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي ته جيئن گڏيل طور تي فائديمند حصيداري قائم ۽ ترقي جي موجوده صلاحيت مان فائدو کڻي سگهجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ روانڊا جي پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير اوليور جين پيٽرڪ ندوهنگري جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه دوران ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روانڊا جو پرڏيهي معاملن وارو وزير پاڪستان جي دوري تي آهي. وفدن جي سطح تي ٿيندڙ ملاقات ۽ سفارتي تربيت جي شعبي ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن کانپوءِ ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، سفارتڪاري ۽ ماڻهن جي مٽاسٽا جهڙن ترجيحي شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بعد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان روانڊا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان 2021ع ۾ ڪيگالي ۾ پنهنجو هاءِ ڪميشن قائم ڪيو، روانڊا جي پرڏيهي وزير جي اسلام آباد جي دوري دوران روانڊا هاءِ ڪميشن جو افتتاح ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان روانڊا جي چانهه جو سڀ کان وڌيڪ برآمد ڪندڙن ۾ شامل آهي ۽ هو روانڊا جي ڪافي، ايوڪاڊو، دالين ۽ باغباني جي مصنوعات جي وڌيڪ برآمدات جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي دواسازي، ٽيڪسٽائيل، چانور، جراحي اوزارن، ايگري ٽيڪ ۽ راندين جي سامان جي برآمدات روانڊا ۾ مضبوط امڪان رکن ٿا. نائب وزيراعظم انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون جي وسيع امڪانن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن، اي گورننس، فن ٽيڪ ۽ نوجوانن جي لاءِ اختراعي پليٽ فارمز ۾ روانڊا سان حصيداري جو خواهشمند آهي. هن چيو ته مئي 2025ع ۾ عديس ابابا ۾ ٿيندڙ پاڪستان – آفريقا ٽريڊ ڊيولپمينٽ ڪانفرنس ۽ سنگل ڪنٽري نمائش ٿيندي. نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳيتو اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو ذڪر ڪندي چيو ته گهڻ رخي محاذ تي ٻطرفو تعاون پڻ مضبوط رهيو، ٻئي گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي اميدوارن جي حمايت ڪن ٿا. روانڊا جي پرڏيهي وزير چيو ته سفارتي تربيت تي مفاهمت نامي تي صحيحون ڪرڻ کانسواءِ ڌريون تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻين مفاهمت جي يادداشتن تي غور ڪري رهيون آهن. هن چيو ته سندس وفد ۾ روانڊا ڊيولپمينٽ بورڊ ۽ واپار واري وزارت سميت مختلف ادارن جا نمائندا شامل آهن جيڪو روانڊا جي پاڪستان سان ڪاروبار ڪرڻ ۽ پاڪستاني ڪاروباري برادري کي روانڊا جي سياحت جي لاءِ راغب ڪرڻ جي خواهش جو ثبوت آهي. هن چيو ته ٻئي ڌريون واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ دفاع جهڙن ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته هن وقت روانڊا جو پاڪستان کي برآمدات 26 ملين ڊالر آهي جڏهن ته واپار، صنعت ۽ صحت جي شعبن ۾ روانڊا کي پاڪستان جي برآمدات 100 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. روانڊا جي پرڏيهي وزير سياحت ۽ راندين خاص طور تي ڪرڪيٽ ۾ ٻطرفي تعاون تي پڻ زور ڏنو ڇو ته اها راند ٻنهي طرف تمام گهڻي مقبول آهي. وزير چيو ته پاڪستان ۽ روانڊا عالمي امن جي لاءِ هڪ جهڙي عزم جو اظهار ڪيو آهي، ٻئي ملڪ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ فوجي تعاون ڪندڙ ٽاپ فائيو ملڪن ۾ شامل آهن. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان آفريقي کنڊ ۾ تڪرارن جي حل ڳولڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.