اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوام سان عوام جا رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گڏيل تاريخ، گڏيل احترام سان گڏوگڏ مضبوط ثقافتي ۽ اقتصادي رابطن تي ٻڌل ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن گڏيل عرب امارات جي صدر ۽ ابوظهبي جي حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل عرب امارات جي پاڪستان جي لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ بهترين سياسي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري تائين وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن کانسواءِ علائقائي صورتحال ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. شيخ عبدالله بن زايد النهيان گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي تعاون کي ساراهيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي يو اي اي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.