اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) جسٽس سيد منصور علي شاهه وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ميڊيا واري شعبي طرفان جاري پڌرائي مطابق چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي پرڏيهه روانگي سبب جسٽس سيد منصور علي شاهه گذريل ڏينهن وقتي چيف جسٽس جي عهدي جو حلف کڻي ورتو، جسٽس منيب اختر کانئس حلف ورتو. ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ هڪ سادي ۽ شاندار تقريب منعقد ٿي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي جي پرڏيهه ۾ ترسڻ واري مدي دوران جسٽس سيد منصور علي شاهه چيف جسٽس طور ڪم ڪندو. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ججن، اٽارني جنرل آف پاڪستان، سينيئر وڪيلن، قانون ۽ انصاف جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پڌرائي مطابق حلف برداري تقريب جي ڪارروائي ايڊيشنل رجسٽرار (ايڊمن) سپريم ڪورٽ سيد زڪريا علي شاهه هلائي.