اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي لاهور کان باڪو سڌوسنئون اڏامن جي ٻن سالن کانپوءِ بحالي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهي سڌوسنئون اڏامون ڀائر ملڪن جي وچ ۾ رابطي ۽ سياحت جي لاءِ اهم سنگ ميل آهن. ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پهرين افتتاحي اڏام جنهن کي پاڪستاني عورت پائليٽ شاهده اسماعيل هلائي رهي آهي، هڪ قابل فخر ڳالهه آهي ۽ اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستاني عورتون هوابازي سميت سمورن شعبن ۾ مهارت رکن ٿيون. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٻطرفي ڪارائتي لاڳاپن کي هر شعبي ۾ وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم دفاع واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ايوي ايشن بابت معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهيو.