اسلام آباد -19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي خود
ڪفالت حاصل ڪرڻ لاءِ زراعت جي شعبي کي جديد بڻائڻ لاءِ نوجوانن جي
صلاحيتن ۽ تجربيڪار ماهرن کان رهنمائي جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته
پاڪستان کي الله تعاليٰ زرخيز زمين، قابل زرعي ماهرن، محنتي آبادگارن سان
نوازيو آهي، زرعي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن جو
جائزو وٺي مربوط حڪمت عملي ذريعي انهن مان فائدو حاصل ڪيو ويندو.
زرعي گهريلو صنعتن، ننڍن ۽ وچولي ڳاڻيٽي جي ڪاروبار ۽ اسٽوريج جي
سهولتن کي هٿي وٺرائي زرعي شعبي کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. وزيراعظم
آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس پڌرائي موجب هن اها ڳالهه ملڪ ۾
زرعي شعبي جي بحالي، جدت ۽ پائيدار ترقي جي هدفن تحت نوجوان زرعي
ماهرن، سائنسدانن، تحقيقدانن، ڪاروباري شخصتن ۽ روانگي واپار ڪندڙن تي
ٻڌل اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وزيراعظم جي
صدارت هيٺ اجلاس ۾ قومي زرعي پاليسي جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ،
نوجوانن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ ۽ تجربيڪار ماهرن جي رهنمائي سان
هڪ مربوط لائحه عمل جي جوڙجڪ تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ توانائي
واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي
ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، سڌ سماءَ واري وفاقي
وزير عطالله تارڙ سميت ڪيترن ماهرن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز شرڪت
ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ اسان کي زراعت کي ترقي ڏيارڻ
لاءِ تجويزن جو جائزو وٺڻو آهي. پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، پاڪستان
کي الله تعاليٰ زرخيز زمين، قابل زرعي ماهرن، محنتي آبادگارن سان نوازيو
آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪيتري وقت کان ڪپهه، ڪڻڪ سميت ٻين
جنسن ۾ پاڻڀرو هو. پر هاڻي اسان جي ڪڻڪ جي في ايڪڙ پيداوار اسريل
ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. اسان ڪڻڪ جو آمدني واپار ڪري رهيا آهيون،
وزيراعظم چيو ته ملڪ جي 65 سيڪڙو آبادي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رهي
ٿي، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي، ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ان آبادي جي بهتري
طرز زندگي ۽ نوجوانن جي صلاحيتن کي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ
ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي نجي سطح تي زرعي
مشينري ٺاهڻ لاءِ ڪجهه ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، ڪنهن وقت ۾ ڪامن
هارويسٽرز ٻاهران ايندا هئا ۽ هڪ ٻن ادارن ۾ ڊيليشن پروگرام پڻ شروع ڪيو،
ننڍن آبادگارن جي سهولت لاءِ سروسز ڪمپنيون ٺاهيون ويون هيون، پر انهن
جي منظم انداز ۾ سرپرستي ناهي ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ اسان
کي بي پناهه موقعن ۽ صلاحيتن سان نوازيو آهي، پر زراعت جي شعبي ۾ جيڪا
ترقي ڪرڻ گهرجي اها بلڪل ناهي ٿي، آسپاس ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ان حوالي
سان گهڻي ترقي ڪئي ۽ اڳيان نڪري ويا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو
آهي، ته اڄوڪي مشاورتي اجلاس جو مقصد ان شعبي م اڳيان وڌندڻ لاءِ لاڳاپيل
ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن کي غور سان ٻڌڻ ۽ انهن مان فائدو کڻڻ آهي. هن چيو
ته پاڪستان ۾ زراعت جي حوالي سان گهريلو صنعت ۽ ايس ايم ايز ۾ بي پناهه
صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم چيو ته آف سيزن جنسن جي اسٽوريج جو
خاطر خواهه انتظام ناهي ۽ ان جي ويليو ايڊيشن لاءِ ننڍا پلانٽس ناهن لڳايا ويا
جتي بهراڙي جي علائقن ۾ اسان جا نوجوان ڪم شروع ڪري روزگار جا موقعا
فراهم ڪن ها ۽ روانگي واپار ڪن ها، ان شعبي تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت
آهي. اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن زرعي ترقي لاءِ ڪجهه اهم شعبن جي
نشاندهي ڪئي جن ۾ جامع سڌارا ۽ سائنسي بنيادن تي حڪمت عملي اختيار
ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. زرعي ڊجيٽلائيزيشن ۽ مصنوعي ذهانت
لاڳو ڪرڻ تحت ٻهراڙي جي علائقن ۾ سمارٽ فون ۽ انٽرنيٽ جي دستيابي بهتر
بڻائڻ، آبادگارن جي مرڪزي ڊيٽابيش جوڙڻ ۽ زرعي ان پٽس جي رسد لاءِ
بلاڪ چين ۽ ڪيو آر ڪوڊ سسٽمز متعارف ڪرائڻ جي تجويز پيش ڪئي
وئي. تحقيق ۽ ترقي جي ميدان ۾ مٽي جي زرخيزي ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻ، جديد
سائنسي طريقن زرعي غذائيت جي ڀرپور پيداوار کي هٿي وٺرائڻ ۽ آبادگارن جي
سگهه ۾ اضافي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شراڪتداري سان تربيتي پروگرامن جي
شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. زرعي بنيادي ڍانچي ۽ مشيني زراعت کي هٿي
وٺرائڻ جي سلسلي ۾ موجوده مارڪيٽن جي بهتري، نئين مارڪيٽ
انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽جديد زرعي اوزارن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ تي
زور ڀريو ويو ته جيئن پيداوار ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهي. زرعي ماليات تائين
اثرائتي رسائي لاءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، زرعي قرضن
جي آسان فراهمي ۽ مالياتي ادارن جي ڪردار کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي
ضرورت تي روشني وڌي وئي. قانوني ۽ انتظامي سڌارن جي سلسلي م حڪومت
جي ڪردار جو نئين سر تعين، شفاف ريگيوليٽري ڍانچي جي جوڙجڪ ۽
پاليسي سازي ۾ ماهرن، آبادگارن ۽ لاڳاپيل ڌرين جي شموليت ت6ي زور ڀريو
ته جيئن ديرپا ۽ اثرائتا نتيجا حاصل ڪري سگهجن. اجلاس ۾ ان اهم رخ جو به
جائزو ورتو ويو ته پاڪستان ۾ في ايڪڙ زرعي پيداوار ٻين ملڪن جي ڀيٽ م
گهٽ آهي. ماهرن پاڻي جي غير موثر استعمال، ناقص ٻج، زمين جي غير
معياري تياري ۽ ڀاڻن جي غير سائنسي استعمال کي ان گهٽتائي جو بنيادي سبب
قرار ڏنو. شرڪت ڪندڙن گڏيل طور ان امر جي نشاندهي ڪئي ته پاڻي جو
اثرائتو استعمال، معياري ٻجن جي دستيابي ۽جديد زرعي تحقيق جي روشني ۾
توسيعي خدمتن کي هٿي وٺرائڻ سان زرعي پيداوار ۾ نمايان بهتري ممڪن آهي.
اجلاس جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته نوجوانن کي
قومي زرعي ترقي جو حصو بڻائڻ، سائنسي تحقيق کي ترجيح ڏيڻ ۽ گڏيل
ڪوششن سان پاڪستان کي زرعي طور پاڻڀرو بڻائڻ واري رستي تي آڻڻ لاءِ
ٺوس قدم کنيا ويندا. اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجن ئي
شعبن تي ورڪنگ ڪميٽيون فوري طور جوڙيون وڃن ۽ ٻن هفتن ۾ عمل
جوڳيون سفارشون پيش ڪيون وڃن.