حيدرآباد – 18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ايم اين اي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ مٿان ڪينالن واري معاملي تي اسان جا خدشا ٻڌي ۽ مطالبن تي غور ڪري. جمعي ڏينهن شام جو حيدرآباد ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت ان معاملي تي پنهنجي پارلياماني اتحادي پارٽي ۽ صدر آصف علي زرداري جي ڳالهه به ٻڌي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو چولستان ۽ ٿرپارڪر جي ريگستاني علائقي ۾ زرعي منصوبا شروع ڪرڻ جا مخالف نه آهن پر ملڪ جا سمورا صوبا اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن مشورو ڏنو ته اسان کي بائيو سلائين زرعي طريقن جهڙين جديد ٽيڪنالوجيز تي عمل ڪرڻ گهرجي جن تي اڳ ۾ ئي ٿر ۾ به عمل ٿي چڪو آهي. هن آڇ ڪئي ته پيپلزپارٽي حڪومت سان گڏجي 50 سالا زرعي ترقياتي منصوبو تياري ڪرڻ لاءِ راضي آهي پر اهو اهڙي نموني هجي جو ان سان ڪو به خطو متاثر نه ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري 17 اپريل تي اين اي 213 تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار صبا ٽالپر جي ڪاميابي تي عمرڪوٽ ضلعي جي عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ، جي ڊي اي ۽ ٻين پارٽين سميت 17 پارٽين جي حمايت يافته آزاد اميدوار پيپلزپارٽي جي اميدوار جي خلاف مقابلو ڪيو پر پوءِ به اها اڪيلي سر ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب ٿي. هن چيو ته اوهان هڪ مضبوط پيغام ڏنو آهي ته صوبي جو عوام اڄ به شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ آهي ۽ عوام صدر آصف علي زرداري جي ”پاڪستان کپي“ جي نعري سان گڏ بيٺل آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. بلاول ڀٽو آخر ۾ اعلان ڪيو ته هو 25 اپريل تي سکر ضلعي ۾ پارٽي جي هڪ ٻئي عوامي ميڙاڪي کي پڻ خطاب ڪندو.