والاريل بيت المقدس – 18 اپريل (اي پي پي) ھزارين يھودي آبادڪار اسرائيل جي سيڪيورٽي ادارن جي مدد سان مذھبي موڪلن دوران مسجد اقصيٰ ۾ داخل ٿي ويا ۽ يھودي رسمون ادا ڪيون. پرڏيھي خابرو اداري مطابق فسلطيني اٿارٽي جي انتظام ھيٺ بيت المقدس جي گورنريٽ ٻڌايو ته گذريل ڏينھن ھزارين يھودي آبادڪار اسرائيل جي سيڪيورٽي ادارن جي مدد سان مسجد اقصيٰ اندر داخل ٿي ويا. ان دوران فلسطين جي مسلمانن کي مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. يھودي آبادڪارن جي تمام وڏي تعداد پنھنجي مذھبي تھوار جي موڪلن مان فائدو کڻندي مسجد اقصيٰ اندر داخل ٿيڻ جي منصوبه بندي ڪري آيا ھئا. بيت المقدس جي گورنريٽ مطابق ان موقعي تي يھودي آبادڪارن يھودي مذھبي رسمون به ادا ڪيون ۽ باب الرحمه تائين آزادي سان گھمندا رھيا. ان موقعي تي اسرائيل جي انتھا پسند مذھبي پارٽي سان تعلق رکندڙ ميمبر پارليامينٽ زوي سڪوٽ به مذھبي رسمون ادا ڪيون جڏھن ته ھزارين يھودين مسجداقصيٰ جي اولهه واري ڀت سان گڏ مذھبي رسمون ادا ڪيون. فلسطيني خابرو اداري ”وفا“ مطابق ان دوران اسرائيل جي سيڪيورٽي فورسز مسجداقصيٰ کي گھيري هيٺ رکيو، اسرائيلي فورسز يھودي آبادڪارن جي حفاظت ۽ مسلمانن جي مسجد ۾ داخلا ۾ روڪاوٽ پيدا ڪرڻ تي مقرر ڪئي وئي ھئي ته جيئن فلسطين جا مسلمان ان دوران مسجد اقصيٰ ۾ داخل نه ٿي سگھن جڏھن ته مسجد اقصيٰ ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا ھڪ فوجي زون ۾ تبديل ڪيا ويا ھئا. اسرائيل جي اختيارين گذريل ڏينھن يھودي آبادڪارن کي مسجد اقصيٰ ۾ محفوظ انداز ۾ پھچڻ لاءِ رستي ۾ موجود مسجد ابراھيم کي به بند ڪيو ھو ته جيئن مسلمان پنھنجن گھرن تائين محدود رھن. واضح رھي ته 12 کان 20 اپريل دوران يھودين جون ساليانيون مذھبي موڪلون ٿينديون آھن. 3 ھزار سال پراڻي ان واقعي جي خوشي ۾ تھوار ملھايو ويندو آھي جڏھن يھودين کي مصر مان ڪڍڻ جو موقعو مليو ھو. ان ڏينھن کي يھودي يوم فصح جي نالي سان ياد ڪندا آھن.