واشنگٽن – 18 اپريل (اي پي پي) آمريڪا حوثين جي مدد روڪڻ لاءِ انٽرنيشنل بئنڪ آف يمن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪا جي ناڻي وزارت چيو آھي ته انٽرنيشنل بئنڪ آف يمن خلاف اھي پابنديون ان ڪري لاڳو ڪيون ويون آھن ته حوثين جي احمر سمنڊ ۾ واپاري جھازن تي ڪيل حملن کي روڪڻ جي ڪا صورت پيدا ڪري سگھجي.