نيويارڪ -18 اپريل (اي پي پي ) مشهور آمريڪي اخبار ٽائيم شام جي نئين صدر احمد الشرع جو نالو سال 2025 ع لاءِ دنيا جي 100 با اثر ترين شخصيتن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي. اخبار پنهنجي سالياني لسٽ جاري ڪئي آهي . ان سلسلي ۾ سموري دنيا مان مختلف شعبن مان هڪ هڪ شعبي جي 100 با اثر ترين شخصيتن کي چونڊيو ويندو آهي. احمد الشرع جو نالو دنيا ۾ با اثر ترين سياسي قيادت جي سلسلي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اخبار موجب گذريل ڊسمبر ۾ احمد الشرع جي قيادت هيٺ گروپن بشارالاسد کي اقتدار تان هٽايو.