اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ قومي آمدني وڌائڻي پوندي، ڪارڪردگي جي حوالي سان مختلف ادارن ۾ موجود جهول ختم ڪرڻو پوندو، معاشري ۽ ادارن جي بهتري جي لاءِ جزا ۽ سزا جي تصور کي اختيار ڪرڻو پوندو، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي ڊگهي سفر جي شروعات ٿي چڪي آهي، سيڙپڪار اسان جي سر جا تاج آهن، انهن کي هر ممڪن سهولتون ڏينداسين، عدالتن ۾ التوا هيٺ کربين رپين جي ٽيڪس ڪيسز جا فوري فيصلا لازمي آهن. فيڊرل بورڊ آف روينيو جي پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم جي افتتاح جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي دوري جي موقعي تي هڪ سال اڳ ڪيل ايف بي آر جي نظام کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي فيصلي تي عملدرآمد جي لاءِ پوري ٽيم گڏجي ڪوششون ڪيون ۽ انهن بي پناهه ڪوششن جي ڪري ان سفر جي شروعات ٿي چڪي آهي. اهو هڪ ڊگهو سفر آهي ۽ رستي ۾ وڏيون رڪاوٽون اينديون جن کي پنهنجي پختي عزم سان ختم ڪرڻو آهي ۽ پاڪستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪرڻيون آهن، پاڪستان کي قرضن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي، ان جو بار توهان ماڻهن جي ڪلهن تي آهي. اسان توهان جي قابل ذهنن جي ڪري اهو هدف حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اسان جي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 27 سيڪڙو اضافو ساراهه جوڳو آهي. ان جي لاءِ ايف بي آر چيئرمين ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. وزيراعطم چيو ته اهو هڪ ڊگهو سفر آهي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافو بظاهر خوش آئنده آهي پر مختلف ٽربيونلز يا ٻين عدالتن ۾ کربين رپين جا ڪيس هلي رهيا آهن. انهن مان ڪيترائي ڪيس ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلي رهيا آهن. انهن ڪيسن جا فوري فيصلا لازمي آهن. وزيراعظم ايف بي آر جي آفيسرن کي ساراهيندي چيو ته اهو هڪ چُڀجندڙ سوال آهي ته هڪ طرف اسان جا کربين رپين جا ڪيسز التوا هيٺ آهن ۽ ٻئي طرف اسان ڏينهن رات قرض وٺي رهيا هوندا آهيون يا انهن کي رول اوور ڪرائي رهيا هوندا آهيون. ٻئي طرف انٽرنل روينيو سروس، ڪسٽم، سيلز ٽيڪس، جعلي رسيدن جون دردناڪ ڪهاڻيون اسان ٻڌي چڪا آهيون. اسان کي انهن ڪمزورين کي ختم ڪرڻو آهي ۽ اهي ئي چئلينجز اسان جي حڪومت کي درپيش آهن. ماضي ۾ جيڪو ٿيو اسان کي ان مان سبق حاصل ڪري تيزي سان انهن خامين تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. انهي لاءِ توهان وٽ حاضر ٿيو آهيان. اسان هڪ سال ۾ ان جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ڪجهه سال اڳ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم ٺاهيو ويو جنهن جي ڪارڪردگي انتهائي ناقص آهي پر سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڇا اها رڳو ان ڪمپني جي ڪوتاهي آهي يا ان نظام جو موثر استعمال نه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ جيڪو سٺو ڪم ڪيو ويو آهي ان تي اسان توهان کي دل کولي داد ڏيون ٿا ۽ دعاڳو آهيون ته الله توهان کي وڌيڪ سٺو ڪم ڪرڻ جي توفيق ڏي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان کي قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجون اوڳاڙيون وڌائڻيون پونديون. ان کانسواءِ قرض وڌندو ويندو ۽ آءِ ايم ايف کان ڪڏهن به ڇوٽڪارو نه ملندو. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي مختلف شعبن ۾ اسان جا نوجوان شاندار ڪم ڪري رهيا آهن. منهنجي اها گذارش آهي ته محنت ڪري اوڳاڙين ۾ اضافي سان ان قوم جي تقدير بدلائڻ جي پنهنجي ذميواري پوري ڪن. وزيراعظم چيو ته هو بئنڪن جي ونڊ فال ٽيڪس جو معاملو عدالت ۾ کڻي ويا ۽ ايف بي آر جي چيئرمين ۽ سندس قانوني ٽيم جي ڪري 23 ارب رپيا قومي خزاني ۾ واپس آيا جڏهن ته اها رقم تمام گهٽ آهي، اسان جا کربين رپين جا اهڙا ڪيس التوا هيٺ آهن. وزيراعظم چيو ته قرضن جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، اسان کي ان حوالي سان پنهنجون ذميواريون ڀرپور انداز ۾ادا ڪندي قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته انفورسمنٽ جي لاءِ ڪسٽمز ۽ ٻين ادارن ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرايو پيو وڃي. اها چئلينجز سان ڀريل ڊگهي سفر جي شروعات آهي، اسان کي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، ان ۾ پنهنجي ڪم ۾ ماهر ماڻهن جو وڏو ڪردار هوندو. شين جي مس ڊڪليئريشن مان ڇوٽڪاري جو خاطرخواهه انتظام نه ٿيو، ان تي ڪم ٿي رهيو آهي جڏهن ته ان جو حل اهو آهي ته ڪنٽينر کي اسڪينرز مان گذاريو وڃي. اسڪينر مشينون حاصل ڪرڻ ۾ دير ڏوهاري غفلت آهي. اسان جتي کربين رپين جو نقصان برداشت ڪري رهيا آهيون ته ڇو ڪجهه ڪروڙ رپيا ان جي لاءِ خرچ نه ڪري رهيا آهيون، ان جي لاءِ اسان جا وسيلا حاضر آهن. وزيراعظم چيو ته اسان تيزي سان ان منزل طرف وڌي رهيا آهيون جنهن جي لاءِ پاڪستان وجود ۾ آيو هو ۽ جنهن جي لاءِ قائداعظم جي قيادت ۾ تحريڪ هلي ۽ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون. پاڪستان جو دنيا ۾ ضرور مقام بڻجندو ۽ اڃا به دير ناهي ٿي. هن چيو ته تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي، انفورسمنٽ تي ڪم ٿي رهيو آهي، ٽربيونلز کي پوري طرح ريفارم ڪيو پيو وڃي، ميرٽ تي نئين قابل ماڻهن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، قابل وڪيلن جون خدمتون ورتيون پيون وڃن، پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم تمام سٺو آهي، ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻي آهي ۽ ٻين ادارن ۾ به ان کي متعارف ڪرائڻو آهي، ايف بي آر کي هاڻي پنهنجي ساک ٺاهڻي پوندي. جزا ۽ سزا جي تصور کي ايف بي آر سميت سمورن ادارن ۾ فروغ ڏئي رهيا آهيون. جيڪي ماڻهو سٺو ڪم ڪندا انهن کي عوامي پذيرائي ۽ مراعتون ڏينداسين، ان حوالي سان ايف بي آر چيئرمين سٺو فارميٽ ٺاهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اهم خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي وزيراعظم هائوس گهرائي انهن کي شيلڊز ۽ مانيٽري ايوارڊ ڏنا جيڪا سڄي ملڪ جي سمورن ادارن جي حوصلا افزائي آهي. اهڙي طرح جيڪي ماڻهو ڪم نه ڪندا انهن کي سزا ٿيندي. سزا ۽ جزا سان ئي معاشرا بهتر ٿيندا آهن. وزيراعظم ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪس ادا ڪندڙن سان سٺو رويو رکن، سيڙپڪار اسان جي سر جا تاج آهن انهن کي عزت ۽ هر ممڪن سهولت ڏيڻي آهي، ان سان اسان جي ملڪ ۾ سرمايو ايندو. وزيراعظم چيو ته پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفائي ڪندو ته جيئن ذاتي پسند ۽ ناپسند بدران ڪارڪردگي جي بنياد تي ملازمن کي حوصلو ملندو.