اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪارروائي ۾ 4 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جي سپاهي باسط صديقي جي شهادت تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد باسط صديقي جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پوري قوم شهيد باسط صديقي کي سلام پيش ڪري ٿي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون.