اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۾ آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران 4 خوارج جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ سپاهي باسط صديقي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. سندس چوڻ هو ته قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي قربانين کي سدائين ياد رکندي. صدر پاڪ فوج جي بهادر شهيدن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، صبر جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي، ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط رهندو. صدر فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪيو.