اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان افغانستان جي واپار ۽ صنعت واري وقتي وزير حاجي نورالدين عزيزي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن واپار، ٽرانزٽ ۽ علائقائي رابطن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي سياسي رابطن کي برقرار رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.