اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي نوجوانن سدائين مسلم ليگ (ن) جو ساٿ ڏنو ۽ هر مشڪل وقت ۾ پارٽي جو جهنڊو بلند رکيو، مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن رڳو سياسي نه پر نظرياتي مشن جو حصو آهن ۽ انهن جو عزم ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي جي لاءِ مستحڪم آهي، هڪ طرف 28 مئي وارا آهن جن ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو ۽ ٻئي طرف 9 مئي وارو انتشاري ٽولو آهي جنهن پنهنجي ئي ملڪ تي حملا ڪيا، اهي پاڪستان جا دشمن آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم ليگ (ن) جي يوٿ ڪوآرڊينيٽرز، ڊويزنل، ضلعي ۽ تعلقي سطح جي عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه جي دلير، غيرتمند ۽ وفادار نوجوانن سدائين پارٽي جو جهنڊو بلند رکيو آهي ۽ هر مشڪل وقت ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڀرپور ساٿ ڏنو. عطاءُ الله تارڙ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اختيار ولي خان کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪو ”مشڪل وقت جو ساٿي“ سڏرائڻ جو حق رکي ٿو ته اهو اختيار ولي آهي جنهن هر مشڪل وقت ۾ پارٽي جو دفاع ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي فسطائيت جي دور ۾ جڏهن ضمني چونڊون ٿيون ته پنجاب مان کٽجندڙ 15 سيٽن جي خوشي هڪ طرف ۽ نوشهره جي هڪ سيٽ جي خوشي سڀني تي ڀاري هئي، ضمني چونڊن ۾ نوشهره مان مسلم ليگ (ن) جي فتح ان وقت جي وڏي ڪاميابي هئي، جڏهن اتي مخالفن جو طوطو ڳالهائي رهيو هو. عطاءُ الله تارڙ نوجوانن کي مخاطب ڪندي چيو ته اهي پاڻ کي رڳو سياسي ڪارڪن نه پر نظرياتي مشن جو حصو سمجهن. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مسلم ليگ (ن) جي اهم ڪاميابين تي روشني وجهندي چيو ته تاريخ کڻي ڏسي وٺو ته هن ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪنهن خدمت ۽ تعمير ۽ ترقي جي سياست ڪئي آهي ته اها مسلم ليگ (ن) آهي، جتي جتي تعمير ۽ ترقي جو نشان نظر ايندو اتي محمد نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) جو ٺپو ملندو. اڄ خيبرپختونخواهه ۾ موٽرويز جو ڄار وڇايل آهي، هر منصوبي تي ميان نواز شريف جو ٺپو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان 28 مئي تڪبير ڏهاڙي وارا آهيون، اسان جي قائد ائٽمي ڌماڪا ڪري ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻايو جڏهن ته هي انتشاري ٽولو 9 مئي وارو آهي جنهن پنهنجي ئي ملڪ تي حملو ڪيو ۽ ملڪي دفاع کي نقصان پهچايو، انهن بدبختن پنهنجي سياسي فائدي جي لاءِ ڪيپٽن ڪرنل شير خان جي مجسمي جي بي حرمتي ڪئي. هن ٻڌايو ته 9 مئي جي واقعي کانپوءِ آئون پاڻ صوابي ويس ۽ ڪيپٽن شير خان شهيد جي ڀاءُ انور لالا سان ملاقات ڪئي ۽ ان جي عظيم ڀاءُ جي مجسمي جي توهين تي ان سان معذرت ڪئي. ڪيپٽن شير خان جي بهادري جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير ڀارت جي برگيڊيئر مهندر پرتاب سنگهه جو حوالو ڏنو جنهن ڪيپٽن شير خان جي بهادري کي ساراهيو ۽ سندس لاش سان گڏ هڪ خط موڪليو ته ”هي اهڙو جوان هو جنهن جي بهادري کي ساراهڻ گهرجي“. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي 11 سالن کان حڪومت آهي ان جي باوجود اها سي ٽي ڊي فورس، سيف سٽي پراجيڪٽ يا فارنزڪ ليب تائين نه ٺاهي سگهي. خيبرپختونخواهه ۾ عوام جي بهتري جو هڪ منصوبو نه لڳو، اتي صحت جي شعبي تي ڇو ڌيان نه ڏنو ويو؟ امن امان تي ڇو ڌيان نه ڏنو ويو؟ هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف ڳالهه ڪرڻ تي علي امين گنڊاپور جون ٽنگون ڏڪن ٿيون، پي ٽي آءِ وارا نسل درنسل غلام آهن ۽ غلام رهندا. هن چيو ته ملڪ سان مخلص آهن ته دهشتگردن جي خلاف ڳالهه ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پشاور ۾ ٿيندڙ واقعن جا نمونا اڄ به فارنزڪ جي لاءِ لاهور موڪليا وڃن ٿا. اطلاعات واري وزير سوال اٿاريو ته جيڪڏهن نيت نيڪ هجي ها ته اڄ خيبرپختونخواهه ۾ ترقياتي منصوبا نظر اچن ها. هن چيو ته اربين رپيا نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ تحت خيبرپختونخواهه کي مليا پر اهي ڪٿي به لڳل نظر نه آيا. هن پي ٽي آءِ جي موجوده حالت تي تبصرو ڪندي چيو ته پارٽي ۾ گروپ بندي ٿي چڪي آهي، علي امين گنڊاپور، جنيد اڪبر، شير افضل مروت جا جدا جدا گروپ ٺهي چڪا آهن، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهي نه ملڪ سان مخلص آهن ۽ نه ئي پنهنجي پارٽي سان. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ گذريل هڪ سال دوران معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جهڙن قدمن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته عالمي ادارا اڄ پاڪستان جي معيشت کي ساراهي رهيا آهن، جيڪو رڳو ٽيم ورڪ، ويزن ۽ مخلص قيادت سان ممڪن ٿيو. هن جنرل عاصم منير جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ته هو معاشي بحالي جي سفر ۾ گڏ بيٺل رهيو. هن چيو ته اسان ڊيفالٽ جي ويجهو هئاسين، وزيراعظم ملڪ جي ڊيفالٽ جون ڳالهيون ڪندڙن جي خواهش تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس پاڪستان ۾ ٿيڻ، 12 وزيراعظمن جو پاڪستان اچڻ، چيمپيئنز ٽرافي جهڙن عالمي ايونٽس جو پاڪستان ۾ انعقاد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان صحيح رخ ۾ وڃي رهيو آهي. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي عطاءُ الله تارڙ چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۽ ڪارڪن ملڪ ۽ قوم سان مخلص آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ هر ضلعي جو دورو ڪري عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو ويندو. هن نوجوانن کي تلقين ڪئي ته اهي ميدان ۾ نڪرن، پنهنجي تڪن ۾ وڃن ۽ مسلم ليگ (ن) جو پيغام عام ڪن. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي سمورن ضلعن مان نمائندا شريڪ ٿيا.