اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستان ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته اها پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانيا جي مذهبن، ڪميونٽيز ۽ آبادڪاري بابت پارلياماني انڊر سيڪريٽري لارڊ واجد خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف لارڊ واجد خان جي پاڪستان اچڻ تي سندس آجيان ڪئي ۽ اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن ۾ شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي تعاون کي ساراهيو جيڪي پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم هز ميجسٽي ڪنگ چارلس سان گڏوگڏ برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان برطانيا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوامي مٽاسٽا ۽ ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ برطانيا لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ ۾ لارڊ واجد خان جي ڪوششن کي ساراهيو. ملاقات ۾ لارڊ واجد خان وزيراعظم کي پنهنجي تازي سرگرمين ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو جن جو مقصد پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ آهي.