اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي)سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي جي صدارت ھيٺ پاڪستان حلال اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جو ڇھون اجلاس منعقد ٿيو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان ڪالھه جاري بيان مطابق اجلاس ۾ پاڪستان جي حلال صنعت ۽ عالمي واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اھم فيصلا ڪيا ويا. بورڊ حلال سرٽيفيڪيشن مارڪ اسڪيم جي باضابطا شروعات ڪئي جيڪا وزيراعظم جي ڪاروبار ۾ آساني ۽ روانگي واپار کي ھٿي وٺرائڻ جي ويزن مطابق آھي. اھا اسڪيم حلال مصنوعات لاءِ ھڪ قومي علامت طور ڪم ڪندي جنھن سان پي ايڇ اي کي خودمختيار ادارو بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان جي آپريشنز سان آمدني ۾ واڌ ٿيندي. ھڪ ٻئي اھم فيصلي تحت بورڊ حلال مارڪ ڪائنس، سرٽيفيڪيشن فيس جي نظر ثاني ڪئي ۽ ايڪسپورٽ ٿيل حلال خوراڪ ۽ غير خوراڪ وارين شين تي فيس کي زيرو ڪري ڇڏيو جڏھن ته مقامي خوراڪ ۽ غير خوراڪ وارين شين جي فيس ۾ 50 سيڪڙو جي گھٽتائي ڪئي. انھن قدمن سان حلال روانگي واپار کي ھٿي ملندي ۽ عالمي سطح تي صنعت جي بھترين طريقن مطابق ھوندو. بورڊ بيلاروس، ملائيشيا، ترڪيه، انڊونيشيا ۽ گڏيل عرب امارات سان گڏجي حلال واپار لاءِ مفاھمت جي يادداشتن جي به منظوري ڏني. ھو معاھدا حلال سرٽيفيڪيشن جي عمل کي آسان بڻائيندا ۽ پاڪستاني حلال مصنوعات لاءِ نيون منڊيون کوليندو. ان کان علاوه، بورڊ ڪوس خانن ۽ فوڊ سروس پرووائيڊرز جي داخلا جي منظوري ڏني ته جيئن ھو حلال اصولن ۽ عالمي معيار مطابق عمل ڪن.