اسلام آباد-17 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي حج معاملن واري وزارت چيو آهي ته حج پانڌيئڙا 18 اپريل تائين سعودي ويزه بائيو موبائل ايپ ذريعي بائيو ميٽرڪ حاصل ڪن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان پاران گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب فنگر پرنٽ اسڪين کانسواءِ حج ويزه جاري نه ڪئي ويندي، جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪين ڪرڻ لاءِ 18 اپريل ممڪنه طور تي آخري تاريخ هوندي. فنگر پرنٽ اسڪين ڪرڻ ۾ ڏکيائي درپيش اچڻ تي سعودي تاشير يا جبري آفيس مان بائيو ميٽرڪ ڪرائي رسيد پاڻ وٽ محفوظ رکن. ترجمان چيو ته پاڪ حج موبائل ايپ تي جن حج پانڌيئڙن کي پاسپورٽ ۽ اڇي پس منظر واري تصوير اپ لوڊ ڪرڻ جو پيغام مليو آهي اهي ڏنل هدايتن موجب جلد کان جلد پنهنجي تصوير ۽ پاسپورٽ اپ لوڊ ڪن جڏهن ته ڪنهن به ڏکيائي جي صورتحال ۾ پنهنجي لاڳاپيل آفيسر کي واٽس ايپ ڪن.