گڏيل قومون-17 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ سوڊان جي سياسي ۽ سلامتي جي صورتحال ۾ تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال جي حل تي زور ڀريو آهي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون ڏکڻ سوڊان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي بريفنگ دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ڏکڻ سوڊان ۾ سمورين ڌرين کي دشمني بند ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ڏکڻ سوڊان ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، جنهن جي بنيادي سبب کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي. پنهنجي تبصري ۾ پاڪستاني سفير ڌرين تي زور ڀريو ته اهي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي خاص نمائندي سان نيڪ نيتي سان علائقائي ٽياڪڙي جي ڪوششن سان خاص طور تي آفريقي يونين ۽ ٻين شراڪتدارن سان گڏجي ان مسئلي جو حل ڪڍن. هن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي نائب صدر ۽ سوڊان پيپلز لبريشن موومينٽ ان اپوزيشن جي ٻين سينئر ميمبرن جي گرفتاري ڏکڻ سوڊان جي امن کي نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته پاڪستان آفريقي يونين ۽ ٻين جي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي انساني بحران تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ اهڙي ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جتي 9.3 ملين ماڻهن کي امداد جي ضرورت آهي جڏهن ته 7.7 ملين ماڻهو شديد غذائي تحفظ جو شڪار آهن. پاڪستاني سفير ڏڪار ۽ بيمارين کي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ فنڊنگ جي فرق کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڏکڻ سوڊان ۾ گڏيل قومن جي مشن يو اين اين آءِ ايم ايس ايس جي استحڪام کي طاقت قرار ڏيندي ڏکين حالتن ۾ ڏکڻ سوڊان ۾ امن ۽ ترقي کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ امن جٿن جي قربانين ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.