گڏيل قومون-17 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل جا وڌندڙ حملا، ۽ غزه ۾ امداد جي رسائي جون رڪاوٽون اڳ کان ئي موجود سنگين انساني بحران کي وڌائي رهيون آهن، لکين ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن ۽ شهرين کي پناهه، خوراڪ ۽ دوائن کان محروم ڪري رهيا آهن. غزه ۾ 18 مارچ کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جن ۾ اڪثر غزه جي پٽي ۾ جاري اسرائيلي فوجي ڪاررواين سبب ڪيترائي ڀيرا بي گهر ٿي چڪا آهن. بنيادي سامان جي شديد کوٽ ۽ خاص طور تي ٻارن ۾ وڌندڙ غذائي کوٽ سبب زميني حالتون تيزي سان خراب ٿي رهيون آهن.گڏيل قومن جي ترجمان نيويارڪ ۾ معمول جي بريفنگ دوران ساٿين کي ٻڌايو ته غزه ۾ بي گهر فلسطينين کي فراهم ڪرڻ لاءِ خيما به دستياب ناهن، هن ٻڌايو ته خان يونس ۾ ڪيترن کي ڪٽنبن کي خوراڪ ، پاڻي ۽ دوائن جي شديد کوٽ آهي، متاثرن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ ٻارن جو آهي. انساني همدردي جي حصيدارن غزه ۾ صحت جي ادارن جي تباهي ۽ متاثر علائقن ۾ شديد غذائي کوٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته جنگ سٽيل علائقي ۾ طبي سامان تائين محدود رسائي سبب اسپتالن جا آپريشنز متاثر ٿيا آهن ۽ انساني همدردي جي ڪارڪنن کي ڪم ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن. هن چيو ته ستين هفتي ۾ به فوجي ڪاررواين ۾ توسيع ڪئي وئي آهي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته غزه ۾ فوري انساني امداد ۽ ٻارڻ جي فراهمي جي سخت ضرورت آهي، هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ عدم تحفظ ۽ محدود رسائي باوجود امدادي همدردي جون تنظيمون متاثر ڪٽنبن جي مدد لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، غزه ۾ ڪميونٽي ڪچن روزاني جي بنياد تي لکين ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اهو 2.1 ملين کان وڌيڪ به فلسطينين لاءِ ناڪافي آهي جيڪي بنيادي خوراڪ لاءِ امداد تي ڀاڙيندا آهن.