برسلز-17 اپريل (اي پي پي) يورپي يونين ۾ پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي جي اعليٰ نمائندي چيو آهي ته اسرائيل پنهنجي دفاع جي نالي سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن چيو ته اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي پر تازن واقعن واضح طور تي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته اسرائيل سمورين حدن کي پار ڪيو آهي ، عورت عهديدار موجب فلسطين جي حقن جي احترام بنا اسرائيل جو امن يقيني بڻائي سگهجي ٿو ان ڪري يورپي يونين ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿي. هن چيو ته يورپي يونين فلسطينين لاءِ 1.6 ارب يورو جو نئون امدادي پيڪيج منظور ڪيو آهي.