تل ابيب – 17 اپريل (اي پي پي) اسرائيل چيو آھي ته جنگ جي خاتمي لاءِ ڪنھن به حل کانپوءِ به اسرائيل جي فوج غزه ۾ ٺھيل بفر زون ۾ موجود رھندي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق اھا ڳالھه اسرائيل جي دفاع واري وزير گذريل ڏينھن فوجي ڪمانڊرن سان ملاقات بعد ھڪ بيان ۾ چئي. ھن چيو ته غزه ۾ امداد جي داخلا روڪڻ جو عمل به جاري رھندو. اسرائيل جي دفاع واري وزير چيو ته ماضي جي ڀيٽ ۾ اسرائيل جي فوج انھن علائقن کي خالي نه ڪندي جن کي ڪليئر ڪري قبضي ۾ آندو ويو آھي. ھن چيو ته اسرائيل جي فوج غزه ۾ ڪنھن به عارضي يا مستقل صورتحال ۾ دشمن ۽ ڪيمونٽي وچ ۾ بفر طور سيڪيورٽي زون ۾ رھندي جيئن لبنان ۽ شام ۾ آھي. اسرائيل جي دفاع واري وزير چيو آھي ته اسان جو ملڪ غزه پٽي ۾ انساني ھمدردي جي بنياد تي امداد کي داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي عمل کي جاري رکندو. ھن چيو ته اسرائيل جي پاليسي واضح آھي ته غزه ۾ ڪنھن به قسم جي انساني امداد داخل نه ٿيندي. واضح رھي ته اسرائيل جي فوج گذريل مھيني پنھنجون ڪارروائيون ٻيھر شروع ڪرڻ بعد غزه ۾ ھڪ ڊگھو ”سيڪيورٽي زون“ جوڙيو آھي ۽ 20 لکن کان وڌيڪ فلسطينن کي غزه جي ڏکڻ ۽ سامونڊي ڪناري واري پٽي ڏانھن وڌيڪ ننڍن علائقن تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي. غزه پٽي طرف ڏکڻ واري حصي ۾ ئي اسرائيل جي فوج علائقي جي اٽڪل 20 سيڪڙو حصي تي قبضو ڪري ورتو آھي ۽ سرحدي شھر رفع جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آھي ۽ غزه جي اوڀر ڪناري کان روم سمنڊ تائين رفع ۽ خان يونس شھر وچ ۾ روم سمنڊ تائين پکڙيل ”موراگ ڪوريڊور“ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي. گڏيل قومن ڪجھه ڏينھن اڳ ئي چيو ھو ته آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ اسرائيلي جنگ جي شروعات کانپوءِ غزه پٽي کي سخت ترين انساني بحران کي منھن ڏيڻو پھجي رھيو آھي. اسرائيل 2 مارچ کان غزه ۾ امداد جي داخلا تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي.