رام الله-17 اپريل (اي پي پي) فلسطين جي پرڏيهي وزارت اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جي غزه جي دوري جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان چيو آهي ته اتر غزه ۾ نيتن ياهو جي مداخلت ۽ سندس جاري ڪيل بيان فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ فلسطينين جي جبري لڏ پلاڻ نيتن ياهو جي جنگي ڏوهن ۾ شدت پيدا ڪن ٿا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن نيتن ياهو غزه جو دورو ڪيو آهي ان ان موقعي تي حماس خلاف اسرائيلي جنگي جارحيت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو آهي.