راولپنڊي-17 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ جي ميلي ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ ميچ اڄ جمعي تي ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.ميچ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي، ڪراچي ڪنگز جي قيادت آسٽريلوي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر ڪري رهيو آهي ۽ ٻين رانديگرن ۾ حسن علي، شان مسعود، ٽم سيفرٽ، جيمز ونس ۽ ايڊم ملني شامل آهن. ڪنگز هن وقت تائين ٻن ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي‏، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي سربراهي سعود شڪيل ڪندو، ٻين رانديگر ۾ رلي روسو، شعيب ملڪ، محمد عامر، ڪوشل مينڊس، فن ايلن ۽ عقيل حسين شامل آهن. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ٻه ميچون کيڏيون آهن جن مان هڪ ميچ ۾ ڪاميابي ۽ هڪ ميچ ۾ ناڪامي حاصل ڪئي آهي. پي ايس ايل جي اهم مقابلي ۾ ٻئي ٽيمون پوائنٽس ٽيبل تي پنهنجي پوزيشن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪنديون. ڪرڪيٽ جا شوقين ڪراچي جي تاريخي اسٽيڊيم ۾ دلچسپ مقابلي جي اميد ڪري رهيا آهن، ميچ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن ۽ سيڪيورٽي جا پڻ سخت انتظام ڪيا ويا آهن.