اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ڇهين ڪلاس کان آءِ ٽي جي مضمون کي نصاب جو لازمي حصو قرار ڏيڻ جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سطح تي آءِ ٽي جي معياري ۽ هڪ جهڙي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ڪم ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي جو فروغ ۽ آءِ ٽي بابت روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڇهين ڪلاس کان آءِ ٽي جي مضمون کي نصاب جو لازمي حصو قرار ڏيڻ جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي سطح تي آءِ ٽي جي معياري ۽ هڪ جهڙي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ڪم ڪيو ويندو. وزيراعظم اسلام آباد، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ بلوچستان جي گهٽ ترقي يافته علائقن جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ ريسرچ ادارن ۾ آءِ ٽي جي تربيت شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آءِ ٽي جي تربيتي پروگرامز جو معيار اهڙو هجڻ گهرجي جنهن سان تربيت حاصل ڪندڙ ماڻهو ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ ۾ سٺي نوڪري حاصل ڪري سگهن. اجلاس کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيتي پروگرامز ۽ ٻين قدمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسڪول براڊ بينڊ ڪنيڪٽيويٽي پراجيڪٽ تحت اسلام آباد جي اسڪولن ۾ انٽرنيٽ کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، سال 25 – 2024ع ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت 49.8 هزار ماڻهن کي هاءِ اينڊ جڏهن ته 6 لک ماڻهن کي عمومي تربيت فراهم ڪئي. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته هواوي جي حصيداري سان عالمي اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي اسلام آباد ۽ ڪامسيٽس يونيورسٽي لاهور ڪئمپس ۾ اسڪلز ووڪيشنل ٽريننگ مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. هواوي جو تربيتي پروگرام جيڪو مصنوعي ذهانت، ڪلائوڊ، بگ ڊيٽا ۽ سائبر سيڪيورٽي بابت آهي، کي غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ ٽوپي، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ٽيڪسلا، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي نصاب جو حصو بڻايو ويو آهي، وفاقي تعليم ۽ فني تربيت واري وزارت هواوي جي تعاون سان 146367 شاگردن کي تربيت فراهم ڪندي جڏهن ته 1300 ليبارٽرين کي بهتر بڻايو ويندو، ان قدم سان اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام فائدو کڻي سگهندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. هواوي جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايٿن سن پڻ اجلاس ۾ موجود هو.