اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي واعدن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي امن مشن جي لاءِ مضبوط سياسي پٺڀرائي ضروري آهي، سلامتي ڪائونسل کي سمورن امن آپريشنز جي لاءِ متحد ۽ مستقل حمايت فراهم ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي پيس ڪيپنگ وزارتي تياري جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته گڏيل قومن جي امن فوج اڄ هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي، غلط معلومات جي ڦهلاءُ، اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي غيرمستحڪم اثرن ۽ غيررياستي هٿياربند عنصرن جي عروج سان گڏيل قومن جي مشنز ۽ امن دستن جي حفاظت ۽ سلامتي کي تيزي سان نقصان پهچايو پيو وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پيس ڪيپنگ وزارتي تياري جي اجلاس جي پڄاڻي تي توهان سڀني سان شامل ٿيڻ هڪ اعزاز ۽ خوشي جي ڳالهه آهي، گذريل ٻن ڏينهن ڀرپور مڪالمي، عملي خيالن ۽ نئين عزم کي فروغ ڏنو آهي جيڪي برلن ۾ اسان جي ايندڙ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ اهم قدم جي طور تي ڪم ڪندا. اجلاس جي گڏيل ميزباني تي جمهوريه ڪوريا جي حڪومت ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ کي ساراهيندي هن چيو ته آئون اها اميد ڪريان ٿو ته شرڪت ڪندڙن روايتي پاڪستاني مهمان نوازي جي گرمجوشي محسوس ڪئي. هن چيو ته گڏيل قومن جي امن فوج عالمي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي لاءِ موثر اوزارن مان هڪ آهي، اسان 130 کان وڌيڪ ملڪن جي 4423 بهادر امن فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن ڊيوٽي جي سلسلي ۾ آخري قربانيون ڏنيون، ان ۾ 181 پاڪستاني به شامل آهن. نائب وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي امن فوج اڄ هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي، غلط معلومات جي ڦهلاءُ، اڀرندڙ ٽيڪنالاجي جي غيرمستحڪم اثرن ۽ غيررياستي هٿياربند عنصرن جي عروج سان گڏيل قومن جي مشنز ۽ امن دستن جي حفاظت ۽ سلامتي کي تيزي سان نقصان پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته گهڻ طرفي کي لاحق خطرو، وڌندڙ هڪطرفي پسندي ۽ مالي دٻاءُ گڏيل قومن جي امن فوج جي ڪاررواين جي پائيداري ۽ تاثير کي گهٽ ڪري رهيا آهن، گهڻ رخي تعاون کي بحال ڪرڻ ۽ امن جي بحالي کي تيزي سان بدلجندڙ عالمي منظرنامي موجب آڻڻ جي فوري ضرورت آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي امن فوج کي ٽيڪنيڪي تبديلي کي اختيار ڪرڻ گهرجي، اسان کي ان ڳالهه کي به يقيني بڻائڻ گهرجي ته امن دستن جي خلاف ٿيندڙ حملن کي قابل اعتماد جوابدهي سان پورو ڪيو وڃي. نائب وزيراعظم چيو ته امن قائم ڪرڻ جو مستقبل موافقت جي گهرج ڪري ٿو، جيئن جيئن عالمي سلامتي جو منظرنامو تيار ٿي رهيو آهي اهڙي طرح ڍانچي ۽ حڪمت عملين کي به جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جو خيال آهي ته گڏيل قومن جي امن مشن کي مضبوط سياسي پٺڀرائي ضروري آهي، سلامتي ڪائونسل کي سمورن امن آپريشنز جي لاءِ متحد ۽ مستقل حمايت فراهم ڪرڻ گهرجي، مينڊيٽ واضح، مرڪوز ۽ زميني حقيقتن تي ٻڌل هجڻ گهرجي، فوجين جو تعاون ڪندڙ ملڪن کي شروع کان ئي پنهنجي جوڙجڪ ۾ فعال طور تي شامل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مشن کي اهڙي وسيلن جي ضرورت هوندي آهي جيڪي ان جي مينڊيٽ سان هڪ جهڙائي رکندا هجن، پيس ڪيپنگ مشنز کي ناڪافي وسيلن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي لاءِ نه چوڻ گهرجي، ڪارڪردگي جي معاملن جي طور تي مقرري جا فيصلا پيشيواراڻي معيارن ۽ ٽريڪ رڪارڊ تي ٻڌل هجڻ گهرجن جڏهن ته علائقائي ۽ ڪراس ريجنل پارٽنرشپ کي مضبوط ڪرڻو پوندو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته آفريقي يونين جي قيادت هيٺ ڪاررواين جي مالي اعانت بابت سلامتي ڪائونسل جي تازي قرارداد 2719 هڪ اهم اڳڀرائي آهي، اسان کي او آءِ سي جهڙي تنظيمن سان ويجهي تعاون کي پڻ ڳولڻ گهرجي، امن قائم ڪرڻ کي هڪ وسيع تر امن تسلسل جو حصو هجڻ گهرجي جيڪو امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن سان ٺوس ۽ ڊگهي مدي واري مصروفيتن ۾ شامل هجي. هن چيو ته امن فوجين جي حفاظت ۽ سلامتي سڀ کان اهم هجڻ گهرجي، پيچيده تڪرارن ۽ گڏيل قومن جي مشنز جي خلاف وڌندڙ غلط معلومات جي دور ۾ اسان کي اهو يقيني بڻائڻ گهرجي ته اهي مناسب طور تي محفوظ آهن ۽ اهو ته امن فوجين تي حملا ڪندڙ ماڻهن کي فوري طور تي جوابده قرار ڏنو وڃي. نائب وزيراعظم چيو ته امن قائم ڪرڻ کي هڪ وسيع تر سياسي حڪمت عملي جو حصو هجڻ گهرجي جيڪا تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪري ٿي ۽ جامع سياسي حل کي فروغ ڏي ٿي، هڪ قابل عمل سياسي عمل کانسواءِ امن قائم ڪرڻ سان رڳو عارضي مهلت ملي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان فخر سان 60 سالن کان گڏيل قومن جي امن فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اسان جي 235000 کان وڌيڪ اهلڪارن سڄي دنيا ۾ 48 مشنز ۾ حصو ورتو آهي، اسان گڏيل قومن جي چارٽر جي قدرن ۽ گهڻ رخي تعاون جي واعدي تي قائم آهيون. نائب وزيراعظم چيو ته اسان گڏيل قومن جي سڀ کان پراڻي امن مشن مان هڪ ”يو اين ايم او جي آءِ پي“ جي ميزباني پڻ ڪريون ٿا جنهن کي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جنگبندي جي نگراني جو ڪم ڏنو ويو آهي، مشن جي موثر هجڻ جي لاءِ پاڪستان مڪمل سهولت فراهم ڪري ٿو، ان کي لائين آف ڪنٽرول جي پار اهڙي طرح جي پهچ ڏيڻ گهرجي، اهو علائقائي استحڪام جي لاءِ تمام ضروري آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته سلامتي ڪائونسل کي به پنهنجي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ پنهنجي واعدن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته علائقائي چئلينجز جي باوجود پاڪستان پراميد آهي، اسان پنهنجي اولهندي ۽ اڀرندي سرحدن تي امن، رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي مستقبل جو تصور ڪريون ٿا، هڪ اهڙو مستقبل جيڪو ٽڪراءُ سان نه پر تعاون، واپار ۽ پائيدار ترقي جي ذريعي متعين ڪيو وڃي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته امن جي حفاظت ڪندڙن جي حفاظت جي لاءِ ايندڙ چئلينجز جي لاءِ مشن کي جديد بڻائڻ ۽ انصاف، وقار، گڏيل احترام ۽ گڏيل سلامتي تي ٻڌل گهڻ رخي نظام جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻو پوندو.