اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق کي ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراغچي ٽيليفون ڪئي جنهن ۾ هن ايران ۾ 8 پاڪستانين جي افسوسناڪ موت تي تعزيت جو اظهار ڪندي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ مقتولين جي ميتن کي وطن واپس آڻڻ ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. پرڏيهي آفيس موجب ايراني پرڏيهي وزير نائب وزيراعظم کي 12 اپريل تي اومان ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي حوالي کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن کي نائب وزيراعظم ساراهيو ۽ حوصلي افزائي ڪئي.