اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ڪويت جي سفير نصر عبدالرحمان المطيري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائيءَ جي شعبي ۾ ٻه طرفي سهڪار کي مضبوط بنائڻ ۽ پاڪستان جي پيٽروليم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاريءَ جون نيون راهون تلاش ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب ڪويتي سفير، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جي نمايان معاشي ترقي خاص طور تي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر بنائڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن پاڪستان جي ترقيءَ جي سفر تي اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي ۽ توانائيءَ جي شعبن ۾ ڀائيواريءَ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪويت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير ڪويت جي حمايت کي ساراهيندي پاڪستان لاءِ خاص رعايت جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڪويت پيٽروليم طرفان ٻن سالن لاءِ وڌايل ڪريڊٽ سهولت تي تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. پي ايس او ۽ ڪويت پيٽروليم جي ڀائيواري بهترين آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪوفپيڪ پهريان ئي ايڪسپلوريشن جي شعبي ۾ موجود آهي ۽ ان جي آف شور ايڪسپلوريشن ۾ دلچسپي جي آجيان ڪريون ٿا. وفاقي وزير ڪويت جي سفير جي لڳاتار سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو ۽ نار ملڪن خاص طور تي توانائي ۽ واپار جي شعبن ۾ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم ڪويت جي عوام، ڪويت جي امير ۽ ولي عهد لاءِ بي پناهه محبت ۽ احترام رکي ٿو. ملاقات ۾ ڌُرين پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ پائيدار ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو.