ابوظهبي-16 اپريل (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين ابوظهبي ۾ 17هين کجور ۽ زرعي نواڻ بابت خليفه انٽرنيشنل ايوارڊ جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. گڏيل عرب امارات جي نائب صدر ۽ نائب وزيراعظم شيخ منصور بن زيد النهيان جي سرپرستيءَ ۾ امارات پيلس ۾ رٿيل ان تقريب ۾ زرعي نواڻ ۾ عالمي اڳواڻن کي اعزاز سان نوازيو ويو جن ۾ پاڪستاني سائنسدان ڊاڪٽر غلام سرور مرخند پڻ شامل آهي، جنهن اهو اعزاز حاصل ڪيو. پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير رانا تنور حسين پائيدار زراعت ۽ عالمي ڀائيواري کي هٿي وٺرائڻ ۾ گڏيل عرب امارات جي ڏور رس قيادت کي ساراهيو. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات وچ ۾ مضبوط ٻه طرفي ناتن خاص ڪري زرعي تحقيق ۽ نواڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير خليفه انٽرنيشنل ايوارڊ زرعي ترقيءَ ۾ بهترين ڪارڪردگي رکندڙ ايوارڊ آهي ۽ پاڪستان کي ڊاڪٽر غلام سرور مرخند جي خدمتن جي اعتراف تي وڏو فخر آهي، اها ڪاميابي پاڪستان جي سائنسي تحقيق ۽ پائيدار پوکيءَ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا غذائي تحفظ جي چئلينجن ۽ موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڪوششن سان هم آهنگ آهي. ان موقعي تي هلندڙ سال پاڪستان ۾ رٿيل ٻئي پاڪستان انٽرنيشنل ڊيٽ پام فيسٽيول 25ع لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيح به ڪيون ويون، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي سهڪار جي هڪ نئين باب جي شروعات ٿي. وفاقي وزير کجور ۽ زرعي نواڻ بابت خليفه انٽرنيشنل ايوارڊ جي سيڪريٽري جنرل پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوهاب زيد مفاهمت جي يادداشت تي صحيح ڪيون. شيخ نهيان مبارڪ النهيان ڪيترن ئي قومي ۽ عالمي شخصيتن کي کجور جي پوک ۽ پيداوار جي شعبي جي ترقي ۽ اڳڀرائيءَ لاءِ سندن شاندار خدمتن کي تسليم ڪيو.