اسلام آباد-16 اپريل (اي پي پي) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو سينيٽر پلوشه خان جي والد جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پ پ پ ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو چيو ته پلوشه خان جي والد جي وفات جو ٻُڌي تمام ڏُک پهتو آهي. ڏُک جي ان گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان سان گڏ آهيون. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرماءِ.