ڪراچي-16 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ضياءُ الدين يونيورسٽي مان پڙهي نڪرندڙ شاگردن ۽ سندن گهرڀاتين کي دل جي گهراين سان مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته هي ڏينهن رڳو علمي ڪاميابي جو ناهي پر توهان مان هر هڪ جي ثابت قدم رهڻ ۽ محنت ۽ محبت جو پڻ اعتراف آهي، جڏهن توهان اڳتي وڌو ته توهان جو مقصد وڏو هجي، توهان جا ٽارگيٽ وڏا هجن ۽ توهان جي سوچ وڏي هجي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ضياءُ الدين يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن 2025ع ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير، والدين ۽ سرپرستن جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي سندن غير مشروط حمايت ۽ محبت جي تعريف پڻ ڪئي. وڏي وزير گريجوئيٽ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته پنهنجي مستقبل کي اعتماد سان منهن ڏين، جيئن ضياءُ الدين يونيورسٽي ۾ سيکاريو ويو آهي. وڏي وزير يونيورسٽي جي غير معمولي ترقي تي پڻ روشني وڌي جيڪا ڊاڪٽر عاصم حسين جي قيادت ۾ ممڪن بڻي. وڏي وزير اداري جي تعريف ڪندي چيو ته ان جي شروعات ڊاڪٽر اعجاز فاطمه ۽ ڊاڪٽر تجمل حسين پاران قائم ڪيل هڪ ميٽرنٽي هوم کان ٿي ۽ هاڻي اهو پنج اسپتالن جو وڏو نيٽ ورڪ ۽ هڪ مشهور تعليمي اداري طور وجود ۾ اچي چڪو آهي. هن چيو ته سکر علمي ۽ طب جو حب بڻجي رهيو آهي ۽ ضياءُ الدين يونيورسٽي هن تبديلي ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ حڪومت جي ترقي پسند تعليمي قدمن جي حمايت جي عزم جو عهد ڪندي هن اهڙن ادارن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو جيڪي علم جي بنياد تي معاشري جي جوڙجڪ ۾ مددگار ثابت ٿين. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ۾ سيد مراد علي شاهه اداري جي شاندار سفر جي واکاڻ ڪئي ۽ پڙهي نڪرندڙ شاگردن کي علمي ڪاميابين ۽ مستقبل لاءِ مبارڪ ڏني. ان موقعي تي چانسلر ڊاڪٽر عاصم حسين، پرو چانسلر ڊاڪٽر ندا حسين، سي اي او ڊاڪٽر عماد حسين، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عباس ظفر، فيڪلٽي ۽ بورڊ جا ميمبر، شاگردن جا گهرڀاتي ۽ گريجوئيٽ شاگرد موجود هئا.