اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته هو پوليو جي خاتمي واري قومي مهم جي مستقل نگراني ڪري. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيٽر واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ملاقات ڪئي. وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال صحت واري شعبي ۾ جاري منصوبن جي اڳڀرائي جي حوالي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال وزيراعظم کي وفاق جي انتظام هيٺ اسپتالن ۾ مريضن کي علاج جي لاءِ وڌيڪ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. ملاقات ۾ وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال وزيراعظم کي پوليو جي خاتمي واري قومي مهم جي اڳڀرائي جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پوليو جي خاتمي واري قومي مهم جي مستقل نگراني جي هدايت ڪندي چيو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جو منصوبو جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي منصوبي جي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.