اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سامونڊي تعاون تي ڳالهه ٻولهه جو پنجون دور بيجنگ ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه جي گڏيل صدارت پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) عمران احمد صديقي ۽ عوامي جمهوريه چين جي پرڏيهي وزارت جي سرحدي ۽ سامونڊي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل هانگ ليانگ ڪئي. ٻنهي ڌرين ڳالهه ٻولهه جي چوٿين دور کانپوءِ پنهنجي تعاون جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هنن ميري ٽائيم سيڪيورٽي، ميري اڪانومي، ميرين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سامونڊي ماحول تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مختلف معاملن تي اتفاق راءِ ڪيو. ٻنهي طرفن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اعليٰ سطحي سامونڊي تعاون پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جو هڪ اهم جز آهي. هنن چيو ته هو گڏيل مستقبل سان گڏ پاڪ چين ميري ٽائيم ڪميونٽي جي گڏيل تعمير جي لاءِ پرعزم آهن. هنن سامونڊي معاملن تي جاري رابطي کي برقرار رکڻ، سامونڊي پاليسين تي هم آهنگي ۽ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ سامونڊي ڊومين ۾ ٻطرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ايندڙ سال مناسب وقت تي پاڪستان ۾ سامونڊي تعاون تي پاڪ چين ڳالهه ٻولهه جو ڇهون دور منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.