اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) منشيات جي روڪٿام ۽ گهرو معاملن واري وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چيو آھي ته حڪومت نار وارين رياستن سان گڏجي منشيات جي روڪٿام جي ھر شعبي ۾ سھڪار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ تيار آھي، اسان انٽيليجينس شيئرنگ، گڏيل تربيت ۽ فرانزڪ ۽فني حصيداري کي ھٿي ڏيڻ چاھيون ٿا، نار وارن ملڪن جي حمايت ۽ شراڪتداري اسان جي ڪاميابي جي ضمانت آھي. گھرو وزير محسن نقوي گذريل ڏينھن پاڪ – نار منشيات جي روڪٿام واري ڪانفرنس کي خطاب ڪري رھيو ھو. وفاقي گھرو سيڪريٽري، نار وارن ملڪن جي وفدن، ڊي جي اي اين ايف سميت لاڳاپيل ادارن جي اخيتارين افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي گھرو وزير محسن نقوي چيو ته مون لاءِ اھو اعزاز ۽ فخر آھي ته مان توھان کي ھن اھم ڪانفرنس ۾ ڀليڪار چئي رھيو آھيان، اھا ڪانفرنس اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي ميزباني ۾ منشيات کان پاڪ دنيا جي گڏيل ويزن تحت منعقد ٿي رھي آھي. ھن چيو ته اڄ اسان رڳو پنھنجي رياستن جا نمائندا نه پر دنيا آڏو صف اول جا سپاھي بڻجي منشيات خلاف ھتي گڏ ٿيا آھيون، نار وارن ملڪن جي وفدن جي ھتي موجودگي اسان جي گڏيل عزم کي ظاھر ڪري ٿي، اسان سھڪار کي وڌيڪ مستحڪم، انيٽيليجنس جو مٽا سٽا ۽ اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻ آهي ته جيئن منشيات جي اسمگلنگ ۽ ان جي استعمال کي روڪي سگھجي. منشيات جي روڪٿام واري وفاقي وزير چيو ته اسان گڏجي ان لعنت خلاف اثرائتا قدم کڻي سگھون ٿا، يقينن اسان پنھنجي نوجوان نسل ۽ معاشري جي محفوظ مستقبل کي يقيني بڻائينداسين. ھن چيو ته پاڪستان نار سھڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي سمورن نعزز نمائندن جو دل جي گھرائين سان شڪريو ادا ڪري ٿو. پاڪستان توھان جي قيمتي وقت ۽ شراڪتداري جي جذبي کي قدر جي نگاھه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۾ توھان جو ترسڻ نتيجي جوڳو ۽ ياد گار ثابت ٿيندو.