رياض _ 16 اپريل (اي پي پي ) سعودي اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي آرگنائزيشن 21 ڪمپنين جي گاڏين جي مملڪت ۾ امپورٽ تي عارضي طورتي پابندي لڳائي ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق پابندي هيٺ گاڏيون سعودي عرب لاءِ مخصوص معيار تي پوريون نٿيون لهن . جنهن سبب انهن جي امپورٽ تي عارضي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي . ان حوالي سان پورٽ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي آرگنائزيشن طرفان پورٽ اٿارٽي کي لکت ۾ اطلاع ڏنو ويو آهي ته جن ڪمپنين جي گاڏين تي عارضي طورتي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي انهن ۾ جيڪا خامي موجود آهي اها سعودي فيول اسٽينڊرز مطابق ناهي . ڪوالٽي آرگنائزيشن طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته 21 ڪمپنين جي گهٽ وزن جون گاڏيون جيڪي 3.5 ٽن تائين آهن انهن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي .