رياض _ 16 اپريل (اي پي پي )سعودي عرب جي عدالت 41 ماڻهن سان مالي فراڊ ڪرڻ تي سعودي شهري کي 5 سال قيد جي سزا جو حڪم ٻڌايو آهي ، پرڏيهي خابرو اداري پراسيڪيوشن جاچ مڪمل ڪري ڪيس عدالت کي موڪلي ڇڏيو هو . پراسيڪيوشن اداري طرفان جاري تفصيل ۾ ٻڌايو ويو هو ته سعودي شهري تي مالياتي فراڊ جو ڪيس سامهون آيو جنهن ۾ ڊجيٽل مارڪيٽنگ ذريعي انتهائي سستيون شيون وڪرو ڪرڻ جي لالچ ڏي وئي هئي . جعلي ڊجيٽل مارڪيٽ آپريٽ ڪندڙ شهري پنهنجي شڪار کان فرضي شين جي قيمت پنهنجي اڪائونٽ ۾ وصول ڪرڻ بعد نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيندو هو . پراسيڪيوشن وٽ ڄاڻايل شخص جي حوالي سان 41 ماڻهن جون شڪايت داخل هيون جنهن تي جاچ جو دائرو وسيع ڪندي جوابدار کي حراست ۾ ورتو ويو . جاچ ۾ ان تي لاڳو ڪيل سمورا ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڪيس ڪريمنل ڪورٽ موڪليو ويو جتي عدالت 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي .