جنيوا-16اپريل (اي پي پي)صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته مستقبل ۾ عالمي بيمارين کي منهن ڏيڻ لاءِ نئون معاهدو طئه ٿي ويو آهي . ڊبليو ايڇ او جي سربراه ٽيڊروس ايڊ هانوم گيبريئس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽن سالن جي اڳڀرائي کان پوءِ هڪ آخري سيشن بعد، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ نمائندن آخرڪار مستقبل ۾ عالمي وبائن کي منهن ڏيڻ واري طريقيڪار بابت هڪ تاريخي معاهدي جي متن تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن جو مقصد ڪووڊ-19 جي عالمي وبا دوران ڪيل غلطين جي ورجاءَ کان بچڻ آهي . هن چيو ته ان معاهدي تي اتفاق راءِ تائين پهچڻ جومقصد نه صرف ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ آهي پر اهو به ثابت ڪرڻ آهي ته اسان جي دنيا ۾ گهڻ رخو نظام زنده آهي ۽ سموريون قومون هاڻي به ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته ان معاهدي جو حتمي متن ايندڙ مهيني ڊبليو ايڇ او جي سالياني اسيمبلي ۾ صحيح لاءِ پيش ڪيو ويندو.