لنڊن -16 اپريل (اي پي پي) برطانيه جي حڪومت ايران تي اڳ کان لاڳو ڪيل پابندين جو دائرو وڌائيندي وڌيڪ هڪ ايراني اداري ۽ هڪ شهري تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب انهن پابندين سبب ايراني حڪومت جي حمايت سان دشمني تي ٻڌل ڪارروائين جو حصو بڻجڻ ٻڌايو ويو آهي، برطانوي حڪومت جي انهن پابندين جو اعلان سرڪاري ويب سائيٽ تي ڏٺو ويو آهي ۽ ايران جي اداري سميت شهري جا اثاثا منجمد ڪرڻ ۽ ڊائريڪٽر کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي. بيان موجب انهن پابندين جي وڪڙ ۾ فاڪس ٽروٽ نيٽ ورڪ ۽ روا مجيد آيا آهن. انهن جون سرگرميون برطانيا ۽ ٻين ملڪن ۾ سنگين ۽ منظم ڏوهن ۾ اچن ٿيون. هڪ مهينو اڳ آمريڪا پڻ فاڪس ٽروٽ ۽ روامجيد تي ان قسم جي پابندين جوا علان ڪيو هو. برطانيه اهو قدم آمريڪي پيروي ۾ کنيو آهي. آمريڪي حڪومت ان جي سوئيڊن ۾ سرگرمين کي ڏوهاري قرار ڏنو هو.