تهران -16 اپريل (اي پي پي) ايران چيو آهي، ته فوجي صلاحيتن جو معاملو ريڊ لائين آهي، جنهن تي ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪيون وينديون. پرڏيهي خابرو اداري موجب اها ڳالهه ايراني پاسداران انقلاب (انقلابي گارڊز) جي ترجمان علي محمد نائيني گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چئي. هن چيو ته قومي سلامتي ۽ دفاعي صلاحيتون اسان جي ريڊ لائين آهن جن تي ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪنداسين. سندس اهو بيان آمريڪي ايلچي جي ان بيان کان پوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته هو ايراني ڌرين سان ڳالهين جي ايندڙ دور جو موضوع اڳ واري يورينيم جي رچاءَ واري پروگرام جي تصديق هوندو جنهن کان پوءِ هٿيارن جي پروگرام جي تصديق ٿيندي.