گڏيل قومون _ 16 اپريل (اي پي پي ) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس لبنان ۾ شهرين جي تحفظ بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته جنگ بندي بعد کان اسرائيلي فوجي ڪاروائين جي نتيجي ۾ شهرين جي فوتگين ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي ترجمان جنيوا ۾ صحافين کي ٻڌايو ته لبنان ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروائين ۾ شهرين جون فوتگيون ۽ زخمي ٿيڻ ۽ شهري بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. جنهن سان شهرين جي تحفظ بابت خدشو وڌي رهيو آهي . هن وڌيڪ چيو ته جنگ بندي لاڳو ڪرڻ بعد لبنان ۾ اسرائيلي فوج هٿان گهٽ ۾ گهٽ 71 شهري مارجي چڪا آهن . مارجي ويلن ۾ 14 عورتون ۽ 9 ٻار شامل آهن . ذڪر جوڳي ڳالهه اها آهي ته 27 نومبر 2024ع تي آمريڪي ۽ فرانس جي سپرستي ۾ اسرائيل ۽ لبنان جي اختيارين وچ ۾ جنگ بندي جي معاهدي تي صحيحين بعد اسرائيلي فوج حزب الله جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪندي لبنان ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن.