تيونس سٽي-15 اپريل (اي پي پي)تيونس ۾ اسڪول جي ڀت ڪرڻ سبب ٽي شاگرد فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، شاگرد گرائونڊ ۾ ڊرل ڪري رهيا هيا ته اوچتو ڀت ڪري پئي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسڪول جي ڀت ڪرڻ جي واقعي تي تيونس ۾ ماڻهن جو چوڻ آهي ته علائقي جي تعليمي ادارن جون عمارتون پراڻيون ٿي ويون آهن ۽ انهن جي مرمت به ناهي ٿيندي جنهن جي ڪري اهو واقعو پيش آيو. تيونس جي ڪمشنري سيدي بوزيد ۾ موجود قديم اسڪول جي ڀت تيز هوا جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهي جنهن جي ڪري اها ڪري پئي. پارليامينٽ ميمبر بدرالدين القمودي تعليم بابت ريجنل اداري کي ان جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته ڀت گهڻي پراڻي هئي جيڪا گذريل آيل زلزلي سبب وڌيڪ ڪمزور ٿي چڪي هئي. سندس وڌيڪ چوڻ هيو ته ڀت جي حالت بابت ڪيترائي ڀيرا نشاندهي ڪندي ان کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جو چيو ويو هيو. ٻئي پاسي اسڪول جي شاگردن ان واقعي جي ذميوارن کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي جنهن جي ڪري سندن ساٿي فوت ٿي ويا آهن.