بارسلونا – 15 اپريل (اي پي پي) روس جي ڀلوڙ ٽينس رانديگر ۽ ايونٽ جي فورٿ سيڊڊ آندري روبلوف ۽ ڊينمارڪ جي ٽينس اسٽار ھولگرروني اي ٽي پي بار سلونا اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪامياب شروعات ڪري ٻي رائونڊ ۾ پھچي ويا جڏھن ته اسپين جو البرٽ راموس وينولا ۽ نيڌرلينڊز جو ٽينس رانديگر جيسپر ڊي جونگ شروعاتي رائونڊ مان شڪست بعد ايونٽ مان ٻاھر ٿي ويا. بارسلونا اوپن ٽينس ٽورناميٽ جو 72 ھين ايڊيشن ريئل ڪلب ڊي ٽينس بارسلونا، اسپين ۾ جاري آھي، جنھن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتھائي دلپسپ ۽ ڪانٽيدار مقابلا ڏسڻ وٽان ملي رھيا آھن. مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ميچ ۾ روس جي ٽينس رانديگر ۽ ايونيٽ جي فورٿ سيڊڊ آندري روبلوف شاندار ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندي ٽينس رانديگر جيسپر ڊي جونگ کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-1 ۽ 6-3 تان ھارائي نه رڳو ٽورنامينٽ جي ڪامياب شروعات ڪئي پر ٻي رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪري ورتو آھي. ٻي ميچ ۾ ڊينمارڪ جي ٽينس اسٽار ھولگر روني شاندار راند پيش ڪندي اسپين جي مخالف رانديگر البرٽ راموس وينولا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 7-5 ۽ 6-4 تان ھارائي ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آھي.