نئين دهلي _ 15 اپريل (اي پي پي ) ڪرڪيٽ ان انڊيا بابت بورڊ آف ڪنٽرول ( بي سي سي آئي ) جي اهتمام هيٺ انڊين پريمئير ليگ (آئي پي ايل ) جو 18 هون ايڊيشن ڀارت ۾ جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن ،ليگ ۾ (اڄ ) اربع ڏينهن وڌيڪ هڪ ميچ کيڏي ويندي . ليگ جي 32 هين ميچ دهلي ڪيپيٽل ۽ راجسٿان رائلز جي ٽيمن وچ ۾ ارون جيٽلي اسٽيڊيم ، دهلي ۾ کيڏي ويندي . دهلي ڪيپيٽلز جي ٽيم جي قيادت بيٽسمين آل رائونڊر اڪسر پٽيل ڪندو جڏهن ته راجسٿان رائلز جي اڳواڻي بيٽسمين سنجو سيمسن ڪندو .